ڀنگو بهڻ وارا قديمي ماڳ

ڀنگو بهڻ وارا قديمي ماڳ

ڀنگو بهڻ وارا قديمي ماڳ

ڀنگو بهڻ وارا قديمي ماڳ: ڀنگو بهڻ، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٽالپرن جي دور سان وابسته ڪجهه پراڻيون عمارتون آهن، جيڪي هن وقت ڪنهن جي استعمال هيٺ نه آهن.عمارتون سهڻي طرز تعمير سان رٿيل آهن، جن کي ڏسڻ سان ان وقت جي فن عمارت سازيءَ جو پتو پوي ٿو. هتي ورهاڱي کان اڳ ۾ هندو اڪثريت ۾ رهندا هئا. سندن رهائشي گهرن جي عمارتسازي پڻ تاريخي ورثي واري حيثيت جي حامل آهي. انهن مان ڪجهه عمارتون گهڻي قدر ڊهي ويون آهن، فقط ديوارن جا نشان ملن ٿا، جڏهن ته ڪيتريون جڳهيون سلامت به آهن، جن جي ڊهڻ جو خطرو آهي.
هتي موجود عمارتن مان اڪثر پڪين سرن سان تعمير ڪيل آهن، جن جي ديوارن يا مهاڙيءَ وغيره تي ڪنهن به قسم جو ليپو وغيره ٿيل ناهي. ونگن ۾ چوڪاٺن سان دروازا ۽ دريون اٿن، اڪثر جڳهين جي ڇت لاءِ ڪاٺ جي ڪامن جو استعمال ڪيو ويو آهي. هتي موجود ڪجهه جڳهيون ڪچيون به آهن، جن مان ڪيترين عمارتن جون ڇتيون توڙي ديوارن جا حصا ڪري پيا آهن. عمارتن جو پري کان ڏيک محلاتن جهڙو آهي. جيڪي سنڌ جي اعليٰ طرز تعمير جو نمونو آهن. هي جڳهيون اڪثر انهن هندن جون هيون، جيڪي ورهاڱي وقت سنڌڇڏي هند لڏي ويا.
مير مراد خان ٽالپر جي وقت ۾ هتي هڪ اسڪول ۽ هاسٽل به تعمير ٿي، جن مان اسڪول جي عمارت هينئر سوڌو استعمال هيٺ آهي، جڏهن ته هاسٽل جي عمارت گهڻي مسمار ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو